اسلام ??با?? – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دانيال عزيز ۽ طل??ل چوڌري کي سچ ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي، ٻنهي اڻوڻندڙ حالتن کي منهن ڏنو پر سچ ڳالهائڻ جي راهه نه ڇڏي ۽ نه ئي تڪ جي عوام جو ساٿ ڇڏيو، پنهنجي موقف، قيادت ۽ پارٽي سان گڏ بيٺل رهيا، الله تعاليٰ ٻنهي ڀائرن کي تاريخ ۽ عوام جي آڏ?? سرخرو ٿيڻ مبارڪ فرمائي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دانيال عزيز ۽ طل??ل چوڌري ٻنهي کي رڳو ان لاءِ سزا ڏني وئي ڇو ته اهي ان وقت سچ ڳالهائي رهيا هئا، جڏهن نواز شريف به سياست مائنس ڪندڙ ڪردارن کي قبول نه هو. هن چيو ته الله تعاليٰ انهن ٻنهي ڀائرن کي تاريخ ۽ عوام آڏ?? سرخرو ٿيڻ مبارڪ فرمائي. ٻنهي انتهائي اڻوڻندڙ حالتن کي منهن ڏنو پر حق جي راهه نه ڇڏي ۽ نه ئي تڪ جي عوام جو ساٿ ڇڏيو ۽ پنهنجي موقف، قيادت ۽ پارٽي سان گڏ بيٺل رهيا. دانيال عزيز، طل??ل چوڌري ۽ انهن جي تڪ جي عوام کي مبارڪباد هجي.
دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري کي سچ ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II