اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ?? ماحول کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس قدمن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا جا سمورا مذهب معاشري ۾ ٻڌي ۽ برابري تي زور ڏين ٿا، مذهبن امن جي لاءِ وڏي جستجو ڪئي آهي، چاهيون ٿا ته امن ?? محبت جو پيغام عام ٿئي، پاڪستان دنيا جي لاءِ گنڌارا تهذيب جي قديم تاريخ جي منفرد ميلاپ ۽ ٻڌ جي ??من ?? همدرديءَ جي پيغام سان هڪ قيمتي دُوار کوليو آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ”ڪلچرل ڊپلوميسي: پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌسٽ هيريٽيج جي ??حالي“ جي موضوع تي ٽن ڏينهن واري گنڌارا سمپوزيم 2023ع کي خاص مهمان جي ??يثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سمپوزيم جي ??فتتاحي سيشن ۾ اسلام آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي ??فارتڪارن، مذهبي اڳواڻن، آثار قديمه جي ماهرن، تعليمي ماهرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي سميت ٻين ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن پڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. صدر چيو ته مختلف تهذيبن بابت ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، واديءَ سنڌ جي ??هذيب جو ڳاڻيٽو دنيا جي ??هم تهذيبن ۾ ٿئي ٿو، مذهبي ڪتابن ۾ گنڌارا تهذيب جو به ذڪر آهي. هن چيو ته ٻڌا جي ??عليم امن، محبت ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي، موجوده دور ۾ صبر ۽ تحمل ضروري ٿي چڪو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مختلف تهذيبن کي اختلاف وساري گڏجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سمپوزيم منعقد ڪرڻ تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته س??ورن مذهبن امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان جي لاءِ مذهبن وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته دنيا کي امن ?? بهتر ماحول جي ??رورت آهي. صدر چيو ته دنيا کي تڪرارن کان هٽي امن طرف وڃڻ گهرجي ۽ تهذيبن کي لاحق خطرن کي روڪڻو پوندو. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود تقريب ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته س??پوزيم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ملندو. هن چيو ته پشاور، ٽيڪسلا ۽ تخت ڀائي گنڌارا تهذيب جا اهم شهر رهيا آهن. وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گنڌارا سميت ڪيترين ئي تهذيبن جا اثار موجود آهن، ثقافتي سياحت جي ??ريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته ثقافتي ۽ مذهبي سياحت مختلف ملڪن ۽ معاشرن کي ويجهو آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي.
صدر پاران عالمي امن ۽ ماحول کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس قدم لازمي قرار
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ