اسلام آباد – 26 جنوري (??ي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال حسين ملڪ چيو آهي ته جمهوريت جو ڪو??و لباس پائي ڀارت نام نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي رهيو آهي، ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آهي، ڀارتي فوج گذريل 75 سالن ??ان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي رهي آهي. ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريا تي پنهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته جمهوريت جو ڪو??و لباس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ۾ مصروف آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مقرر ڀارتي فوج ڪشميرين کي گولين جو شڪار ڪري رهيا آهن. ڀارتي فوج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ محف??ظ ناهي، ڀارتي فوج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آهي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج ??ان ننڍا معصوم ڪشميري پڻ محف??ظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن. ڏهه لک فوج سان گڏ ڀارتي حڪومت پنجاهه لک هندوستانين کي پڻ ڪشميري سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميرين تي پنجاهه لک هندن کي پڻ مسلط ڪيو ويو، والاريل ڪشمير ڀارتي فوج جي ڪالوني بڻجي چڪو آهي. دنيا ڀارت جي نام نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ زيادتي کي ڏسي.
ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڀارت ري پبلڪ ڊي ملهائيندو آهي: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل