سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد دنيا ک?? اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي ۽ ڪشميرين جي امنگن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ??ل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947?? تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي شيطاني ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019?? تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ ڪشميرين کي چيو ته اهي اڄ دنيا ک?? اهو باور ڪرائين ته ڪشمير کي ڀارت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ هڪ ڪارو ڏينهن آهي.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڪارو ڏهاڙو ملهايو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا