اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي و??ري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪ??ري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر پاڪستان معيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي و??ري وزارت طرفان ج??ري ڪيل ما??وار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. ناڻي و??ري وزارت مطابق عالمي ماريڪٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر ج??ري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ سبب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان ج??ري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ان سبب ج??ري م??ري سال ۾ ملڪ جي اقتصادي پيش منظر غير يقيني و??ري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ما??وار اقتصادي اپ ڊيٽ مطابق جولاءِ کان آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهه ما?? آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ما??ي سال جي انهيءَ مُدي جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل ما??ي سال جي ان مُدي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ڏيهه موڪليل ناڻي جو حجم 5.4 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ روانگي واپار ۾ 11.3 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي آهي. جولاءِ کان آگسٽ دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 5.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ما??ي سال جي ان مُدي ۾ 4.6 ارب ڊالر هو. ملڪي آمدني واپار ۾ ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙو جي شرح سان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل ما??ي سال جي ان مُدي ۾ 11.3 ارب ڊالر هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ما??ي سال جي ان مُدي ۾ 2.4 ارب ڊالر هو. انگن اکرن مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 26.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 169.5 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ما??ي سال جي ان مدي ۾ 229.5 ملين ڊالر هو. پورٽ فوليو سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو ڪاٽو 25.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ما??ي سال جي ان مُدي ۾ 921.5 ملين ڊالر هو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 87.8 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 114.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل ما??ي سال جي ان مُدي ۾ 1.19 ميلن ڊالر هو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 26.037 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 13.582 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي ايڪسچينج ريٽ 169.97 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 232.12 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق ايف بي آر جي محصولن ۾ جولاءِ دوران 9.7 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. جولاءِ ۾ ايف بي آر 948 ارب رپين جا محصول گڏ ڪيا، جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 864 ارب رپيا هئا. جولاءِ جي مهيني ۾ نان ٽيڪس روينيو ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ سال جولاءِ ۾ نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 41 ارب رپيا رهيو جيڪو گذريل سال جولءِ ۾ 47 ارب رپيا هو. سرڪ??ري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت جولاءِ ۾ مختلف رٿائن لاءِ 5 ارب رپيا ج??ري ڪيا ويا. گذريل سال جولاءِ ۾ پي ايس ڊي پي تحت مختلف رٿائن لاءِ 25 ارب رپيا ج??ري ڪيا ويا هئا. ج??ري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ ما??ياتي خسارو جو ڳاڻيٽو 210 ارب رپيا رڪارڊ ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 238 ارب رپيا هو. ما??ياتي خس??ري ۾ جولاءِ دوران سالياني بنيادن تي 11.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ سال جولاءِ ۾ پرائمري خسارو 142 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ ڪاٽو 5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جولاءِ ??ـ آگسٽ ۾ زريع شعبي لاءِ 226.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل ما??ي سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 31.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل ما??ي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ زرعي شعبي لاءِ 176.6 ارب رپين جا قرض ج??ري ڪيا ويا هئا. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو حساس اشاريو 26.1 پوائنٽ رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل سال جولاءِ ??ـ آگسٽ ۾ 8.4 پوائنٽ هو. جولاءِ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جو اشاريو ڪاٽو 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 1.4 سيڪڙو هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪيس اينڊ 100 انڊيڪس پهرين جولاءِ تي 41435 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال پهرين جولاءِ تي 41630 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ ج??ري مالي سال دوران 2.16 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي ابتڙ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 1.65 سيڪڙو جي شرح سان ٿي آهي.
غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن: ناڻي واري وزارت
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب