اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي سينيٽ جي پرڏ??هي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس موجب هن ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا جي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري تعاون جي ضرورت آهي. پرڏ??هي وزير چيئرمين مينينڊيز کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي اثرن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهين سان گڏوگڏ اهو انساني صحت، خوراڪ جي حفاظت ۽ اقتصادي رخن جو هڪ مشڪل بحران آهي. هن آمريڪي سينيٽ جي پرڏ??هي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين تي زور ڏنو ته هو آمريڪي ڪانگريس ۾ حمايت کي متحرڪ ڪري، جيڪا تاريخي طور تي اهڙي قسم جي قدرتي آفتن دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. سينيٽ جي پرڏ??هي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان کي ان ??ئل??نج تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سال??ره?? هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي ملڪن گڏجي ڪم ڪري تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سينيٽر رابرٽ مينينڊيز پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ 5 آگسٽ 2019?? جي غيرقانوني قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کڑک