ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ انه?? جي خودمختياري جي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلوچستا?? جي روينيو واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمير جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ اتا?? جي عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، ا?? 76 ??ال گذرڻ جي باوجود ڪشميري عوام جهڙي طرح ڀارتي سرڪار جي ظلم ۽ ڏا?? جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، بزرگن، جوانن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پنهنجي حق?? جي جنگ وڙهي رهيا ??هن. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪشميري?? جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح والاريل ڪشمير جي معصوم عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله انه?? جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي ۽ انه?? جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جي عوام هاڻي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳائي ويٺي آهي ته اهي انه?? جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصول?? جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.
ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن: صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن