اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي پاڪستان جي رياستي پاليسي وا??ح ۽ باباءِ قوم قائداع??م محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، پاڪستان فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت وا??ح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان مان ڪو به وفد اسرائيل ناهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب فلسطينن جي خودمختياري وا??ي حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته دنيا ٻن رياستي حل کي خطي ۾ پا??يد??ر امن جو ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گادي وا??و شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فلسطين رياست جو وا??دو پورو ڪيو وڃي، اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته والاريل فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذميداري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل تائين دنيا ۾ پا??يد??ر امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل فلسطين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته سستي سياسي شهريت لاءِ هر منفي قدم کڻندڙ قومي مفاد جو ته خيال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ايئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.
فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل