چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي، اهي چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، اسان جي ??ار??ي جا بئنڪ اڪائونٽس آهن، پيپلز??ار??ي جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم عمران خان اهو وا??د حڪمران آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪ??ن ڪميشن کي اسان 60 کا?? وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن اڪائونٽس جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آهيون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلز??ار??ي جي پاپڙا وا??ي ۽ فالودي وا??ن جي اڪائونٽس جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن چيو ته شريف خاندان جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ادارن تي پنهنجو ڌوئنس وي??اريندا رهيا، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پنهنجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوالي سان مريم صفدر جي نئين آڊيو سان انهن جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي.
مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ