اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو وزارت افغان??تا?? ۾ جاري عالمي غير سرڪاري تنظيمن جي امدادي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع طريقيڪار متعارف ڪرايو آهي. اها ڳالهه افغان بين الوزارتي ڪو??رڊينيشن سيل جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌائي وئي. پي آءِ ڊي طرفان جاري بيان مطابق اجلاس قومي سلامتي جي مشير ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. وزارت جي عهديدارن ??جلاس کي آگاهه ڪيو ته نَون قدمن جو بنيادي مقصد مصيبت سٽيل افغان??تا?? ۾ انساني امداد جي ڪو??شن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سان نه صرف نين عالمي غير سرڪاري تنظيمن پر اهي جيڪي پهريان کان رجسٽرڊ آهن اهي فائدو کڻي سگهنديون. رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ تنظيم کي لاڳاپيل سفارتخاني مان تصديقي خط، پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽريشن جو ثبوت ۽ فنڊنگ جي ذريعن سان گڏوگڏ مقامي رهائشي ايڊريس ۽ ان جي نامزد عملي جي تفصيلن بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. ڇنڊڇاڻ ڪميٽي ٽن هفتن ۾ ڪاررواين مڪمل ڪندي، اهڙيءَ طرح ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي به آسان ۽ گهٽ وقت ۾ ممڪن بنايو ويو آهي. ويزا جي درخواست ??ي ڪارروائيءَ لاءِ وقت جو مدو گهٽ ڪري 10 ڏينهن ڪيو ويو آهي. قومي سلامتي جي مشير نَون قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان افغان??تا?? ۾ جاري فلاحي ڪمن ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت، واپار واري وزارت، منصوبا بندي، ناڻو، ايف بي آر ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن ??رڪت ڪئي.
وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena