اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مالياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ آندو ويو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جنهن کي وڌ??ئي چڙه??ئي پيش ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ به فنان?? بل ايندا رهيا، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري گم رهيا، اهي دعويٰ ڪري رهيا هئا ته اسان ??ل منظور ئي نه ٿيڻ ڏينداسين، مخالف ڌر ڪا دليل جي ڳالهه نه ڪئي پر ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. اهڙن ??يالن ??و اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ??يپلزپارٽي 9 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي ۽ مسلم ليگ (ن) به آءِ ايم ايف جي چئن پروگرامن لاءِ وئي ۽ پاڪستان ??يپلزپارٽي ته 9 ارب ڊالر جو سڀ کان ??ڏو پروگرام آءِ ايم ايف کان ??رتو، هن چيو ته مخالف ڌر بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي ته هو معيشت جو ڪهڙو حال ڪري وئي هئي، اسحاق ڊار ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، اهي پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ 15 ڏينهن ??ا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڇڏي ويا جنهن مان ??رض جي قسط ادا نه پئي ٿي سگهي. هن چيو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته مخالف ڌر اسان کي مشورا ڏيندي هئي ته حڪومت ايتري دير سان ??ءِ ايم ايف وٽ ڇو وئي، کين ??مام گهڻو پهرين ??ءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهربو هو، فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هو پنهنجي دورن ۾ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وه??ئي ويا هئا ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ويا هجن ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. مملڪتي وزير چيو ته اسحاق ڊار معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ۽ قرض جي ادائيگي لاءِ حڪومت وٽ پئسا نه هئا. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر کي گهربو هو ته دليل سان ڳالهه ڪري ها پر هنن ??يوان ۾ بدتميزي جو طوفان ??ندو ۽ دليل سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي، بلاول زرداري ۽ شهباز شريف ايوان ??ان گم رهيا، انهن ??ي ڪوشش هئي ته اسان ??انونسازي کي روڪينداسين ۽ بل جو حصو نه بڻجڻ ڏينداسين، هن چيو ته معاشي حالتن ??ي باوجود وزيراعظم عمران ??ان ۽ ناڻي واري وزارت ڪوشش ڪئي ته عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ حقيقتون ??ه توهان ??ي سامهون پيش ڪيون ??هن. هن چيو ته مخالف ڌر بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪندي آهي ۽ جڏهن ڳالهين ??و وقت ايندو آهي ته اهي سڀ غائب ٿي ويندا آهن، مخالف ڌر ايوان کي اڄ مڇي مارڪيٽ بڻ??ئي رکيو، اسان ??مجهون ٿا ته ايوان ۾ اڄ قيادت کانسواءِ مخالف ڌر هئي.
مالياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ آندو ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی