اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيجر جي قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضاف?? جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نائيجر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهد?? جي ضرورت آهي. نائيجر جي قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پاڪستان سان مختل?? شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو ??واهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو ??واهشمند آهي. نائيجر قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائيجر جي دور?? جي به دعوت ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری