اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي ڪ??ششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بحالي تي خ??ص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائ??ن جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا ??يا ??ڃن. وزيراعظم عمران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي حوالي سان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪورونا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ??رڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪ??رونا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ خاص قدمن جي ضرورت آهي.
وزيراعظم عمران خان جي مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش