اسلام آباد – 23مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ت??قي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته جمهوري روايتن کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت وڌي ويجهي، هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، صدر چيو ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي قومي ت??ريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان پرمسرت موقعي تي سڄي قوم کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي هن چيو ته ان ڏينهن اسان ??ي بزرگن تاريخي قرارداد لاهور منظور ڪئي، جن??ن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ واضح ۽ عظيم مقصد لاءِ متحد ڪري ڇڏيو، صدر ان موقعي تي ب??باءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح، مصور پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ آزادي جي ت??ريڪ جي ٻين اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن پنهنجي پڪي عزم ۽ بي مثال قرباني سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي.
صدر ممنون حسين جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج