اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس طارق خليج عدن ۾ بحري گشت دوران 17 ڏينهن کان سمنڊ ۾ ڦاٿل يمني ٻيڙي اهدائيان کي حفاظت سان ڪناري تي پهچائي ڇڏيو. تحقيق تي خب?? پئي ته اها ٻيڙي 10 نومبر 2017ع تي بوساسو (صوماليه) م مڇي کڻي ڪرالمل??ڪه (يمن) رواني ٿي هئي ۽ سفر دوران پروپيلر ٽٽڻ سان آپريشنل صلاحيت وڃائي ويٺي ۽ 10 ڏينهن تائين بنا پاڻي ۽ خوراڪ جي سمنڊ ۾ ڀٽڪندي رهي. پي اين ايس طارق ٻيڙي جي عملي کي خوراڪ ۽ پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ 10 ڪلاڪن تائين ڏکين سامونڊي حالتن ۾ آپريشنز ڪندي ان کي ڪڍي حفاظت ڪناري ويجهو پهچايو ته ??يئ?? صومالي عملدارن پاران ٻيڙي کي امداد فراهم ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب