ڪراچي – 15 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت اظهار راءِ جي آزاد?? ۽ ??حافت تي مڪمل يقين رکي ٿ?? ۽ ??حافين جي مسئلن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏي ٿي ته جيئن صحافي برادري پنهنجي ننڍي وڏي اجتماع?? ۽ ??نفرادي مسئلن جي دٻاءُ کان نڪري پوري جوش ۽ اطمينان سان پنهنجي پيشيوراڻي فرض انجام ڏئي سگهي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافت جي ش??بي سان لڳاپيل ??خصيتن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر محمد زبير ۽ پنجاب جو اطلاعات وارو وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان به موجود هو. تقريب ۾ صدر ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن کي پريس ڪلب جي لاءِ پنجاب حڪومت طرفان اڍائي ڪروڙ روپين جو امدادي چيڪ به پيش ڪيو ويو. صدر چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊيل ??هديدارن سان هي ملاقات منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر