اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ تيزي رفتاري تي ضابطو آڻي روڊ حادثن سبب ٿيل فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي. اها ڳالهه اي ڊي بي جي تازي رپ??رٽ ۾ چئي وئي آهي. رپ??رٽ ۾ ر??تن تي رفتار جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي ملڪن کي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ويو ته سراسري رفتار ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جي صورت ۾ ٽر??فڪ حادثن جي شرح ۾ 4 سيڪڙو تائين جڏهن ته فوتگين جي شرح ۾ 3.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال ٽر??فڪ حادثن جي نتيجي ۾ 11 لک 90 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خط ۾ ٽر??فڪ حادثن ۾ روزانو 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويندا آهن، رپ??رٽ ۾ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ ر??تن تي سراسري رفتار ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. چيو ويو آهي ته خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري علائقن ۾ سراسري رفتار 50 کان 60 ڪلو ميٽر کان گهٽائي 40 ڪلوميٽر تائين ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان کي وڌيڪ گهٽ ڪري 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، رپ??رٽ ۾ ر??تن تي رفتار جي حوالي سان آگا??ي ۽ انفورسمينٽ جي طريقن ۾ بهتري آڻڻ جي به سفارش ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو آهي.
ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ تيزي رفتاري تي ضابطو آڻي حادثاتي فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں