اسلام آباد _28 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت نائب وزير ابراهيم المبارڪ سان وڊيو لنڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. سومر ڏينهن تي ٿيل ورچوئل ملاقات ۾ سعودي وفد جي تازي پاڪستان جي دوري جي روشني ۾ سيڙپڪاري جي معاملن کي اڳتي وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو .وفاقي وزير سعودي سيڙپڪاري بابت وزير خالد بن ??بدالعزيز الفالح جي مثبت جواب جي آجيان ڪئي . اجلاس ۾ مختلف شع??ن ۾ ٿيندڙ پاڪ – سعودي جوائنٽ وينچرز ۽ ايم او يوز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي ??خت??ارين وفاقي سيڙپڪاري واري وزير کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعودي جي ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني . وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن تعاون کي يقيني بڻايو ويندو . هن چيو ته سعودي وزير خالد بن ??بدالعزيز الفالح جي دوري جي روشني ۾ سيڙپڪاري کي تڪميل تائين پهچائينداسين. عمل جوڳي قدمن سان سيڙپڪاري جي ايجنڊا کي مڪمل ڪيو ويند?? . اجلاس ۾ سعودي ??خت??ارين سيڙپڪاري جاري رکڻ تي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ سيڙپڪاري لاءِ فالو اپ اجلاس جاري رکڻ ۽ عملي نتيجو آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير اح??د فاروق پڻ وڊيو لنڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،وفاقي سيڪريٽري ۽ نجڪاري ڪميشن واري سيڪريٽري پڻ ورچوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
سيڙپڪاري بورڊ ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران سعودي اختيارين سان فالو اپ اجلاس
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔