اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزي?? محسن نقوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني ا??مگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار وڌائڻ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آسٽريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي ا??فاق ڪيو ويو. گهرو وزي?? محسن نقوي گهرو وزارت اچڻ تي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزي?? محسن نقوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته آسٽريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪرڪيٽ ۾ سهڪار ڪندو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر گهرو وزي?? محسن نقوي کي آسٽريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪرڪيٽ بيٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزي?? محسن نقوي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني ا??مگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آسٽريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني ا??مگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان آسٽريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آڇ جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آسٽريليا ۾ من??قد ڪرائڻ تي ا??فاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزي?? محسن نقوي چيو ته افغان پناهگيرن جي آسٽريليا من??قلي ۾ پاڪستان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، اسلام آباد ۽ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن