اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي قومي هيرو جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ارشد نديم جو استقبال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ارشد نديم کي ڀليڪار چيو ۽ ساڻس گلي مل??و. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري ??مل??تي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سميت ٻيا اڳواڻ به ان موقعي تي موجود هئا جن ارشد نديم کي ڀليڪار چيو. ارشد نديم جي فيملي ۽ سندس ڪوچ به گڏ آهن. اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ارشد نديم جي ??اڏ?? پاڻ ڊرائيو ڪري اسلام آباد روانو ٿيو. ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، ارشد نديم پاڪستان جو پهريون انفرادي ايٿيليٽ آهي جن??ن گولڊ ميڊل کٽيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ارشد نديم کي اسٽيٽ گيسٽ جو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. ارشد نديم آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي قومي هيرو جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں