اسلام آباد-10 جون(اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي اي?? اي) پنهنجي نيشنل اي??رجنسي سينٽر (اين اي او سي) وسيلي هيٽ ويو دوران اڳواٽ معلومات جي مٽاسٽا ۽ لاڳاپيل ڌرين جي جامع ردعمل وسيلي جاني نقصان کان بچائڻ ۾ مدد ڪئي، جڏهن ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ان جي اثرن ۾ 50 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي. اي?? اي او سي سال 2024ع ۾ سڄي پاڪستان ۾ گرمي جي لهر جي اثرن کي درست طريقي سان پيش ڪرڻ ۽ ان جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي. اها ڪاميابي اي?? اي او سي جي فني مهارت ۽ فعال ڊزاسٽرمينيجمينٽ ذريعي صحت ۽ حفاظت لا??ِ ان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿي، اي?? ڊي اي?? اي جي هڪ سينئر عملدار اي پي پي کي ٻڌايو ته مارچ 2024ع جي شروع ۾ (اين اي او سي) جي فني ٽيم مئي ۽ جون ۾ امڪاني هيٽ ويو جي لهر جي هڪ سيريز جي اڳڪٿي ڪئي، اعليٰ درجي جي موسمياتي ماڊلز ۽ آبهوا جي انگن اکرن جي تجزئي کي استعمال ڪندي ٽيم مخصوص مدي ۽ علائقن جي نشاندهي ڪئي جيڪي انتهائي هيٽ ويو کان متاثر ٿي پئي سگهيا ۽ نيشنل اي??رجنسي آپريشن سينٽر مارچ جي آخري هفتي تائين هيٽ ويو جي تياري ۽ رد عمل بابت هڪ جامع دستاويز جاري ڪيو جنهن ۾ هيٽ ويو بابت امڪاني واقعن جا تفصيل، ڪاٿو شامل هو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جهڙن علائقن کي سڀ کان وڌيڪ حساس قرار ڏنو ويو. دستاويز ۾ گرمي جي لهر جي امڪاني اثرن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ گرمي سان لاڳاپيل بيمارين جي وڌندڙ خطرن، صحت جي سارسنڀال جي سهولتن تي دٻاءُ، روز مره جي زندگي ۾ رڪاوٽون، زراعت ۽ آبي وسيلن کي درپيش امڪاني چئلينجز بابت ٻڌايو ويو. اي?? اي او سي جي هڪ رهنما آگاهي جو هڪ اهم رخ اهو هو ته هيٽ ويو کي منهن ڏيڻ لا??ِ گهڻ رخن قدمن لا??ِ زور ڀريو ويو هو جنهن ۾ ٿڌي پاڻي جا مرڪز قائم ڪرڻ، پيئڻ جي پاڻي جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائڻ، صحت بابت وقتائتي وارننگ جاري ڪرڻ ۽ ذاتي حفاظتي قدمن بابت مشورا ڏيڻ جهڙا قدم شامل هئا. ان کانسواءِ رهنمائي واري جاڳرتا لا??ِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڪميونيٽيز جي ڪردار ۽ ذميوارن جو خاڪو پيش ڪيو ويو، ڄاڻايل دستاويزن ۾ گرمي بابت علامتن کي سڃاڻڻ ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدر??مد بابت عوام جي جاڳرتا لا??ِ ڪميونٽي جي شموليت ۽ جاڳرتا مهم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو هو. مقامي حڪومتن لا??ِ سفارشن ۾ هنگامي طبي خدمتن کي وڌائڻ ۽ عوام سان مواصلات ذريعن کي برقرار رکڻ شامل هو. مئي 2024ع ۾ پاڪستان پڻ اهم هيٽ ويو لهرن جو تجربو ڪيو جنهن بعد جون جي شروعات ۾ هڪ ٻيو شديد اسپيل آيو پر وقتائتي مشورن ۽ اي?? اي او سي طرفان فراهم ڪيل مڪمل رهنمائي وارن خطن عيوض ان هيٽ ويو جي ناڪاري اثرن کي ڪافي حد تائين گهٽايو ويو. اي?? ڊي اي?? اي عملدار وڌيڪ چيو ته اي?? اي او سي طرفان قائم ڪيل مانيٽرنگ ۽ فيڊ بڪ ميڪينزم مان خبر پوي ٿي ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، ان کانسواءِ صحت جي سارسنڀال جي سهولتن جي ڪري گرمي وارين بيمارين جا ڪيس گهٽ رپورٽ ٿيا. سال 2024ع ۾ هيٽ ويو جي درست اڳڪٿي ۽ اثرائتن انتظامن نه رڳو عوامي زندگي ۽ معيشت جو تحفظ ڪيو پر سائنس تي ٻڌل پاليسي سازي ۽ ڪميونٽي لچڪ جي اهميت کي به هٿي وٺرائي. هن وڌيڪ چيو ته اي?? ڊي اي?? اي جي رٿابندي، ايجنسين وچ ۾ رابطا سازي ۽ عوامي تحفظ لا??ِ عزم اي??دڙ سالن ۾ ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي ڪوششن لا??ِ هڪ ماڊل طور ڪم ڪندو. اٿارٽي مختلف سرڪاري تنظيمن، عالمي سرڪاري تنظيمن ۽ صوبائي ڊزاسٽرمينيجميٽ اٿارٽي سان گڏجي هاڻوڪي هيٽ ويو لا??ِ اثرائتي طريقي سان انتظام ڪيا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ پنجاب جي خطن کي هيٽ ويو جا خطرا درپيش هئا. هيٽ ويو بابت اڳٿڪي ڪندي اي?? ڊي اي?? اي پنهنجي حصيدارن سان اسڪولي ٻارڙن ۽ پورهيتن سميت سڀ کان وڌيڪ ڪمزور آبادين جي حفاظت لا??ِ تيز ۽ فيصلائتيون ڪارروايون ڪيون. شديد گرمي کان فوري رليف ۽ تحفظ لا??ِ سنڌ ۽ سڄي پنجاب ۾ هيٽ ويو ڪولنگ سينٽر قائم ڪيا ويا. اهي مرڪز اسٽريٽجڪ طور تي واقعي هئا ته جيئن خطري جي لپيٽ وارن گروهن لا??ِ وڌ کان وڌ پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي، ضروري سهولتن سان ليس تربيت يافته عملي سان اهي مرڪزي ضرورتمندن لا??ِ پناهگاهه بڻجي ويا، طبي تياري جي اهميت کي سمجهندي اي??بولينسن کي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا??ِ اسٽينڊ باءِ رکيو ويو، ان فعال قدم ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته گرمي جي ڪري صحت جي حوالي سان خطرن کي گهٽايو ويو. اي?? ڊي اي?? اي جون اهڙيون ڪوششون نتيجن واريون ثابت ٿيون ۽ هيٽ ويو دوران اي?? ڊي اي?? اي 4 هزار 5 مريضن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ۽ کين وقتتائتي طبي امداد ڏني وئي جن مان 3 هزار 979 مريضن جو ڪاميابي سان علاج ڪري واپس گهر اماڻيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته رڳو 26 مريض نگراني هيٺ رهيا جن کي انتهائي نگهداشت جي ضرورت هئي. ڏکين حالتن باوجود 144 چوپائي مال جو محدود نقصان ٿيو، اها سموري ڪاميابي اي?? ڊي اي?? اي جي ڪاميابي، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۾ تياري ۽ اهميت کي واضح ڪري ٿي. اي?? ڊي اي?? اي جو اي?? جي اوز ۽ آءِ اي?? جي اوز ۽ صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽيز جي سهڪار سان جامع ڪوششن وسيلي قدرتي آفتن باوجود به اهم هاڪاري نتيجا سامهون آيا. سنڌ ۽ پنجاب ۾ هيٽ ويو جي اثرائتي نظام ان قسم جي شراڪتدارين جي لچڪ کي وڌايو ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، اسين مستقبل ۾ به اهڙيون ڪاميابيون بهتر سهڪار، مسلسل چوڪس رهڻ سان حاصل ڪري سگهنداسين ۽ پنهنجي ڪمزور آبادي کي اي??دڙ چئلينجن کان بچائڻ لا??ِ هميشه تيار آهيون.
اين ڊي ايم اي جي جامع ڪوششن سان گرمي جي مُند ۾ نقصان ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي، اڳواٽ ڪوششن سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ گرمي جي مُند ۾ نقصان گهٽ ٿيو: اين ڊي ايم اي عملدار
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم