اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحري?? غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ بحرين جي با??شا??ه شيخ حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شيخ سلمان بن حمد الخليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ بحرين جي قيادت جا بطور وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ ??ن جو دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. وزيراعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪست??ن جي عوام جي لاءِ با??شا??ه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحرين جي با??شا??ه جي ميزباني جو منتظر آهي. ??ن جي جواب ۾ جنرل شيخ محمد وزيراعظم شهباز شريف کي جلد ک??ن جلد بحرين جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دورا?? غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب