اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، ??نهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊي سان ملاقات دوران پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن، مون کي ياد آهي ته ڪهڙي طرح س??يلنڪا جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ڊينگي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ??ن وقت ان وبا سان لاهور ۾ ??يم??ي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آهن، پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آئون سريلنڪن صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.
سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر