اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور ??ي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت پ??را?? ڊاڪٽر عافيه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي س??را??يو ۽ درخواست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪومت پ??را?? مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور ??ي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر عافيه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪوششن کي س??را??يو ۽ ڊاڪٽر عافيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.
وزيراعظم پاران پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت جي خبر وٺڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا