اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي ??گهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 24 هين ايف سي ايس ڪانووڪيشن جي تقريب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد ۾ ٿي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان هو. تقريب ۾ 4 پي ايڇ ڊي، 48 ايم فل ۽ 208 بي ايس گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون. پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊلز ۽ امتيازي سندون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فارغ ٿيندڙ ??اگ??دن کي انهن جي تعليمي ڪ??ريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل کي مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏ??ي. هن چيو ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بنائي ??گهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. آخر ۾ هن سمورن فارغ ٿيندڙ ??اگ??دن، انهن جي والدين ۽ گهرڀاتين کي پنهنجي تعليم کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏ??ي. اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قوم جو ڪر??ار ان جي تعليمي ادارن ۾ جڙي ٿو. هن چيو ته تعليمي ۽ تحقيق ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي يو پنهنجي ??اگ??دن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول ۽ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اين ڊي يو گريجوئيٽس کي پيشيواراڻي ڪ??ريئر ۾ ڪر??ار ۽ عزم جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جا شاندار نتيجا آيا آهن. ان کان اڳ اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب ۾ خاص مهمان، معززين، استادن، والدين ۽ ??اگ??دن جو استقبال ڪيو.
تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز