اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻ??ن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي خصوصي ماڻ??ن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻ??ن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت واري عالمي اداري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻ??ن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻ??ن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ ملازمتون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گه??جي. خصوصي ماڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان??ن جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو خصوصي ماڻهن تي ٻڌل آهن، خصوصي ماڻ??ن جي ايڏي وڏي آبادي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ خصوصي ماڻ??ن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار رهڻ گه??جي. صدر ملڪ ۾ سمورين تعليمي سهولتن کي خصوصي ماڻ??ن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سڀني تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي خصوصي ماڻهن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گه??جي. ڊسمبر جو پورو مهينو خصوصي ماڻ??ن جي مهيني طور ملهائڻ گه??جي. صدر چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا خصوصي ماڻ??ن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم هلائين.
خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ