اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل سان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان دن??ا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته روس سان گڏ ??اڪ??تان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ??اڪ??تان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ افغا??ست??ن بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغا??ست??ن علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته افغا??ست??ن کي انساني ۽ اقتصادي چئلينج درپيش آهن، ۽ افغا??ست??ن جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پو??و ڪرڻ لاءِ افغا??ست??ن جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو روسي صدر جي ??اڪ??تان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دو??و ڪرڻ جو منتظر آهي.
وزيراعظم جي روس جي صدر سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا