اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ايندڙ مهيني فوڊ سيڪيورٽي بابت هڪ جامع پلان جو اعلان ڪندي. نجي ??ئنڪُون گهرن جي ??عمير لاءِ 380 ارب روپيا قرض ڏينديُون، ماضي جي ??ڪومتن گهرن جي ??سڪيمن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي، ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڪرپشن جو مرڪز بڻيل رهيو، سمنڊ پار پاڪستانين جا ڪيس تيزي سان اڪلائڻ لاءِ خصوصي عدالتون ٺاهيون ويون ??هن، قبضا گروپ جي ??لاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، شهرن جو پکيڙ روڪڻ لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت بنڊل آءِ لينڊ منصوبي لاءِ اجات نه ڏئي رهي آهي، اڳوڻين حڪومتن آبي ذخيرا نه ٺاهي ملڪ تي ظلم ڪيو، هائوسنگ ۽ ٻين منصوبن جا ثمر جلد سامهون ??چڻ شروع ٿي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪا به حڪومت سمورن ماڻهن جي لاءِ گهر تعمير نٿي ڪري سگهي ۽ حڪومت جو ڪم صرف آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سهولت ڏيڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجا گهر خريد ??ري سگهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو گهرن جي ??عمير جي لاءِ بئنڪن کي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ نجي ??ئنڪ 380 ارب روپيا گهرن جي ??عمير جي لاءِ قرض ڏينديون، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو جي ??رح سان قرض ڏنو پيو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ قرض تي حڪومت مدد فراهم ڪندي آهي، ان سلسلي ۾ هڪ لک گهرن تائين 3 لک روپيا في گهر سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ 21 لک جو گهر 18 لک روپين ۾ ملي سگهي ٿو ۽ ان طرح مسواڙ جي ??قم قسطن ۾ ادائيگي جي ??ورت ۾ ڏئي سگهجي ٿي، وزيراعظم چيو ته فور ڪلويئر لا جو معاملو حل ٿيڻ ۾ 2 سال جو عرصو لڳي ويو آهي، حڪومتي قدمن سان تعيمراتي شهبي کي فروغ حاصل ٿيندو، هن چيو ته ورڪرز ويلفيئر فنڊ ماضي ۾ ڪرپشن جو مرڪز هو، هتي سڀ ڪجهه ٿيندو هو پر مزدورن کي ڪجهه نه ملندو هو. 25 سال پراڻي اسڪيم موجوده حڪومت بحال ڪئي آهي ۽ اڍائي سالن ۾ ماڻهن کي گهرن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، ان تي سيد ذوالفقار عباس بخاري ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
حڪومت ايندڙ مهيني فوڊ سيڪيورٽي بابت هڪ جامع پلان جو اعلان ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil