اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا وائرس سبب 32 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 16 فوتگيون وينٽيلرز تي موجود مريضن جو ه??ون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ين??ر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 541 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 32 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 29 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 20 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض ??هن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 23 سيڪڙو مريض ??هن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 846 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 709، پنجاب ۾ 18 هزار 79، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 995، اسلام آباد ۾ 6 هزار 252، بلوچستان ۾ 802، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 664 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 42 هزار 393 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 216 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 22 هزار 285 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 77 هزار 482 آهي.
24 ڪلاڪن دوران ڪوورنا جا 1541 ڪيسز، 32 فوتگيون رپورٽ، ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 22 هازار 285 آهي: اين سي او سي
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک