اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف س??ت ڪاررو??ئي ڪئي وڇي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽت??ئي جي حوالي سان انتظامي قدمن تي اڳڀر??ئي جو جائزو ورتو ويو. وف??قي وزيرن، صلاحڪارن، صوب??ئي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوب??ئي چيف س??ڪر??ٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قيمتن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ڪمزور عملدرآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگارن جي استحصال جو هڪ سبب آهن. مڊل مين پاران ناحق منافعي جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ان سان غريب متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم صوب??ئي چيف س??ڪر??ٽرين کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي اٽي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪڻڪ جي پيڙه??ئي جي شرح جي حوالي سان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن اٽي جي قيمتن کي هيٺ آڻي سگهجي. وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوب??ئي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذاتي مارڪيٽس قائم ڪرڻ ۽ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون حڪومتون آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو