اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ماضي شاندار هو ۽ مست??بل روشن هوندو ۽ نئين راهن طر?? وڌندو، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ب?? مثال استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، سعودي عرب اربين ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان آڻي رهيو آهي جيڪا گذريل 10 سالن کان به وڌيڪ آهي، دوري دوران ٿيندڙ معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جي سربراهي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمر??ن خان ڪندا، اسلام آباد ۾ ”عرب نيوز“ جو آغاز خوش آئنده آهي جنهن سان پاڪستاني پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين کي ب?? روزگار جا موقعا ميسر ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد ۾ عرب نيوز جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ماضي شاندار هو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria