بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن کي جل?? کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو چين جي ٻن ڏين??ن جي سرڪاري دوري تي آهي، هن عظيم عوام?? هال ۾ پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن کي جل?? کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پيڪ کي وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي عظيم عوام?? هال ۾ گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی