اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جنگلوٽ اسڪردو روڊ (جي ايس آر) جي بندش جو نوٽيس وٺندي رستو فوري کولڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري انتظامن جي ه??ايت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جابلو ڇپون ڪرڻ سان تورمڪ وٽ بند رستو فوري کولڻ ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي هنگامي قدمن جي ه??ايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اضافي مشينري ۽ افرادي قوت استعمال ڪئي وڃي، رستو جلد کوليو وڃي، ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائآڻ جي لاءِ فوري انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سياحن جي اچڻ سان گلگت بلتستان ۾ ضرورت جي شين جي استعمال ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري شين جي کوٽ نه ٿيڻ ڏني وڃي. وزيراعظم علائق?? جي ڪاروباري شخصيتن، آبادي ۽ سياحن کي درپيش مشڪلاتون فوري ختم ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ڪري ماڻهن کي پ??هن??ي گهرن ڏانهن واپس به وڃڻو آهي، ان لاءِ ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. شديد برساتن ۽ جابلو ڇپون ڪرڻ سان گذريل ٻن هفتن دوران 6 ڏينهن رستو بند هو. جنگلوٽ اسڪردو روڊ گلگت بلتستان کي تيل ۽ کاڌي پيت?? جي شين جي فراهمي ۽ اچ وڃ جو واحد زميني رستو آهي. مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سياح مختلف اڏامن ذريعي گلگت بلتستان اچي رهيا آهن. گلگت بلتستان جي هوٽلز ۽ سياحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن وزيراعظم کان رست?? جي ڊگهي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.
وزيراعظم پاران جي ايس آر رستو فوري کولڻ لاءِ فوري انتظامن جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر