اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل د??خو??ست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون ک?? ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ د??خو??ست داخل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم د??خو??ست داخل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، بدقسمتي سان د??خو??ست داخل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.
وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان ايف آءِ اي جي درخواست جو سخت نوٽيس ورتو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو