اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبضا مافيا کان ٻيلن جي زمين آجي ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبضي وارين زمينن تي ٻوٽا لڳائي ٻيلن جي رقبي ??ي وڌائڻ ل??ءِ فوري قدم کنيا وڃن ته ??يئن پاڪستان جي سرسبز علائقي ۾ اضافو ٿي سگهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، موسمياتي تبديلي جي باري ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ حڪومت پنجاب جي لاڳاپيل سينئر آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??رويئر جنرل آف پاڪستان سي ڊي اي، حڪومت پنجاب ۽ اويڪيوٽرسٽ بورڊ (اي ٽي پي بي) سان گڏجي ڪم ??ري ريهو آهي ته ??يئن سرڪاري ملڪيتن، اسلام آباد، لاهور ۽ اويڪيوٽرسٽ بورڊ (اي ٽي پي بي) جي ڪيڊسٽرل رڪارڊ کي مڪمل ??ري سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو قبضي واري زمينن تي ٻيلن جي واڍي جي روڪٿام يقيني بڻائي ملڪ جي ٻيلن جي رقبي ??ي وڌائڻ ل??ءِ فوري قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته ??مينن جي غير مجاز استعمال جي روڪٿام ۽ هائوسنگ سوسائيٽين جي پکيڙ کي محدود ڪرڻ، خوراڪ جي حفاظت ۽ پاڻي ۽ سيوريج جهڙي بهتر شهري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ ضروري آهي، هن هدايت ڪئي ته ڪيڊسٽرل سروي جي نتيجن جو صوبن سان مٽاسٽا ڪئي وڃي جنهن کانپوءِ عوامي ملڪيتن جي بازيابي لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن صوبن ۽ سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه جو جائزو وٺن ته ماضي ۾ ڪيترا قبضا ٿيا ۽ ڪيترا خالي ڪرايا ويا، وزيراعظم چيو ته هو ان حوالي سان ذاتي طور تي 15 ڏينهن کانپوءِ اجلاسن جي صدارت ڪندو ته ??يئن ان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺي سگهجي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??ڪومت عوام جي سامهون جوابده آهي ۽ سرڪاري زمين جي حفاظت ان جي اولين ترجيح آهي، قبضا مافيا کي منهن ڏيڻ ل??ءِ منظم حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، هن سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته پارڪن ۽ ٻيلن لاءِ مختلص قيمتي سرڪاري زمين کي قبضي کان بچائڻ ل??ءِ خصوصي سيل جوڙيو وڃي.
قبضا مافيا کان ٻيلن جي زمين آجي ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک