اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راو?? سٽي ۽ سينٽرل بزن?? ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي منصوبن ۾ ماحوليات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊيولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي راو?? سٽي منصوبي تي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راو?? سٽي منصوبي ۾ 5400 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راو?? سٽي منصوبي تائين آسان پهچ جي ل??ءِ 17 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيو ويندو. ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راو?? سٽي ۾ 450 ايڪڙ زمين کي ايگري فارمز جي ل??ءِ رکيو ويو آهي، راو?? سٽي ۾ سيڙڪاري جي ل??ءِ ناليواري سيڙپڪار ??مپ??ين پاران دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي لاهور ۾ سينٽرل بزن?? ڊسٽرڪٽ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزن?? ڊسٽرڪٽ ۾ ماحوليات جي تحفظ جي ل??ءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽري ميٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳايو ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.
راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات