لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي صحت جي حوالي سان تحفظ فراهم ٿيندو پر صحت جي نظام ۾ به انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آ??يسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي صوبائي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو ??بادي کي هن سال جي آخر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، صحت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ته ڊگهي مدي واري پلان تح?? موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊن جي فراهمي يق??ني بڻائي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو ??بادي کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تح?? هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي علاج جون بهترين سهولتون ميسر هونديون.
صحت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات