اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو ??ابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ??هي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قومي مفاد ۾ شفاف انداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، عبدالحفيظ ش??خ جي هدايتن جي روشني ۾ اجلاس کي روز ويلٽ هوٽل بابت معاملن جي باري ۾ اپ ڊيٽ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم جي صلاحڪار اهو معاملو منصفاڻي، انتهائي شفاف ۽ بهترين قومي مفاد ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن ر??ز ويلٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha