اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجگور ۾ هٿياربندن جي ف??ئرنگ جي واقعي ??ي مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن س??ن تعزيت ??و اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگرد ملڪي ترقي ۽ صوبي جي خوشحالي جا دشمن آهن. صدر چيو ته دهشتگرد بلوچستان کي ترقي ڪندي نه ٿا ڏسڻ چاهين. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ