اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وز??راعظم لي چيانگ سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 سالن کانپوءِ چين جي ڪنهن به وز??راعظم جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف چين جي وز??راعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. بعد ۾ چيني وز??راعظم لي چيانگ وز??راعظم هائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وز??راعظم محمد شهباز شريف سان چيني وز??راعظم جي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي وز??راعظم چين پاڪستان تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شر??ت ڪندا، جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) 2 سان گڏوگڏ ٻيا وڏا منصوبا پڻ شامل آهن. تقريب ۾ گواد?? انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل ??فت??اح پڻ شامل آهي.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔