اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ تعليم جو شعبو ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو، موجوده حڪومتي پاليسين جي تسلسل ۽ سڌارن ذريعي ملڪي معيشت بحال ٿي آهي، جيڪا امن ۽ استحڪام جو ??بب بڻي آهي، تعليمي نظام جي مضبوطي سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال معاشرو ٺهي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن تعليمي نظام تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ تعليم جو شعبو ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو، موجوده حڪومتي پاليسين ??بب معيشت بحال ٿي آهي. وفاقي وزير چ??و ته ملڪ ۾ امن هوندو ته استحڪام جي فضا قائم ٿيندي ۽ ملڪ اقتصادي ۽ سماجي لحاظ کان تيز رفتار ترقي ڪندو.هن چ??و ته موجوده جديد دور جي گهرجن موجب تعليم کي مضبوط ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ هڪ باشعور ۽ تعليم يافته قوم ئي بهتر فيصلا ڪري پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهي ٿي. وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ چ??و ته 2013ع ۾ ”ويزن“ 2025ع متعارف ڪرايو ويو جنهن جو مقصد ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ هو. ان ويزن تحت ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويو ۽ دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو، جنهن سان ملڪ ۾ امن ۽ ترقي جي راهه هموار ٿي. هن چ??و ته ويزن 2025ع تحت ملڪ ۾ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، جيڪي ملڪي معيشت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ اهم هئا. هن 2018ع جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چ??و ته ان سال هڪ اهڙي شخص کي ملڪ تي مڙهيو ويو جنهن جي پاليسين ملڪي معيشت کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو. سندس حڪومتي دور ۾ ترقي جو عمل رڪجي ويو ۽ معيشت کي پڻ شديد نقصان پهتو. وفاقي وزير چ??و ته حڪومت خطي ۾ ٽيچر ٽريننگ سينٽر قائم ڪري رهي آهي ته جيئن استادن جي سکيا کي بهتر بڻائي تعليمي معيار کي بلند ڪري سگهجي. هن چ??و ته تعليم جي شعبي لاءِ 75 ارب روپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن جن جو مقصد ملڪ ۾ تعليم جي بهتري يقيني بڻائڻ آهي. احسن اقبال چ??و ته ان فنڊ جي مدد سان ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه رهندو ۽ ملڪ ۾ هر ٻار جي تعليم تائين پهچ کي يقيني بڻايو ويندو، خاص ڪري پٺتي پيل ڏورانهن علائقن ۾ . هن چ??و ته حڪومت اقتصادي استحڪام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن جن ۾ بنيادي ڍانچي جي بهتري، توانائي جي شعبي ?? سڌارن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ شامل آهن. احسن اقبال چ??و ته حڪومت جي جامع ۽ ڊگهي مدي واري پاليسين جو مقصد ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي، جنهن سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿيندي پر عوام جي بهتري ۽ ڀلائي کي يقيني بڻايو ويندو.
موجوده حڪومت پاليسين ۾ سڌارن ذريعي ملڪي معيشت کي بحال ڪيو جيڪا امن ۽ استحڪام جو سبب بڻي آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania