راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه ??نر?? سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه ??ي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ فوجي تعاون مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پيپلز لبريشن آرمي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر ??نر?? ??ي ڪيائو منگ ??نر?? هيڊڪوارٽرز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ??نر?? سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي غور ??يو ويو، علائقائي سلامتي، فوجي تربيت ۽ دفاع جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آرمي چيف ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. مهمان شخصيت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي موثر ڪوششن کي ساراهيو، چيني ڪمانڊر پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ جذبي کي پڻ ساراهيو. آرمي چيف چيني ڪمانڊر جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف ??نر?? سيد عاصم منير چيو ته دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي علامت آهي، پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط تعلق کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ان موقعي تي چيني ڪمانڊر جي ايڇ ??يو ۾ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. جي ايڇ ??يو اچڻ تي چيني ڪمانڊر کي پاڪ فوج جي دستي سلامي پڻ پيش ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں