شي –; آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي –; آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ??يدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب جائو ??يدا شانسي جي قيادت ۽ عوام پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته شي –; آن جي قيادت ۽ ان جي عوام جي پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال تي ٿورائتا آه??ون. وزيراعظم چيو ته شي –; آن ۾ تاريخي جاين کي ڏسي چيني ڪاريگرن جي هنرمندي متاثر ڪيو، چيني حڪومت خاص طور تي شانسي جي حڪومت بهترين طور تي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪئي آه??. وزيراعظم چيو ته اسان جي چين جي دوري دوران پاڪستاني فود کي تاريخي استقبال ڏنو ويو، گذريل ڏينهن چيني اعليٰ قيادت سان ڪامياب ملاقات رهي. وزيراعظم چيو ته صدي شي جن پنگ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ۽ ان تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، پاڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ڀاءُ آه?? جن جي حصيداري، تعاون ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آه??، چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي جنهن جي لاءِ مون سميت پ??ري قوم ٿورائتي آه??. وزيراعظم چيو ته شانسي ڪوويڊ 19 دوران پاڪستانين جي ڀرپور مدد ڪئي، چيني قيادت جي ترقي پسنداڻي سوچ چين کي دنيا جي وڏي اقتصادي قوت بڻايو، شانسي جديد زراعت ۽ گرين انرجي ۾ پوري دنيا ۾ مثالي نالو رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت ۾ تعاون جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان شانسي کان جديد زراعت ۽ گرين انرجي جي شعبي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت نه رڳو جديد زراعت پر زرعي جنسن جي پراسيسنگ سان ان جي روانگي واپار جي لاءِ قدم کڻي رهي آه??، حڪومت جي اولين ترجيح ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آه??. جائو ??يدا وزيراعظم کي شانسي ۽ شي –; آن جي اقتصاديات ۽ مصنوعات جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. جائو ??يدا چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ وسيع موقعا موجود آه??، شانسي جي حڪومت پاڪستان جي زراعت ۽ گرين انرجي جي حوالي سان هر قسم جي معاونت جي لاءِ تيار آه??، توهان جي چيني قيادت سان ملاقاتون ڪامياب ۽ لاڀائتيون رهيون جيڪا خوش آئنده ڳالهه آه??. جائو ??يدا چيو ته شي –; آن جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم پرائي رهيو آه??، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط آه??. ملاقات کانپوءِ جائو ??يدا وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : راکی