اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مع??مل?? واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولانا طاهر اشرفي فلسطينين خاص طور تي غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ح??ومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خ??اج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولانا طاهر اشرفي جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاء?? ڪوششن کي ساراهيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان مولانا طاهر اشرفي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار