اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ??رقيءَ جو راز هنرمندي جي ??عليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ وا??ي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستق??ل جو دارومدار هنرمندي جي ??عليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪ??ڻ ته هي اها تعليم آهي جن??ن سان نوجوان نسل پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ??رقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي ??جيان ڪئي ۽ يونيورسٽي جي ??روع کان هاڻي تائين جي ??رتقائي سفر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.
پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت