اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سم??ڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سم??ڊ پار پاڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، اهي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، حڪومت انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سم??ڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سم??ڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته سم??ڊ پار پاڪستاني اتر آمريڪا، يورپ، وچ اوڀر، نار، اوڀر ايشيا سم??ت دنيا جي مختلف خطن ۽ ملڪن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سم??ڊ پار پاڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته ان سان انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ پاڪستان کي به ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سم??ڊ پار پاڪستانين واري وزارت سم??ڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، سم??ڊ پار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جا سفير آهن، پاڪستاني پورهيتن کي هنر سيکاريا وڃن ۽ سرٽيفڪيٽس ڏياريا وڃن ته انهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان پاڪستان جو پرڏي??ي ناڻو وڌندو، وقت اچي ويو آهي ته سعودي عرب، يو اي اي، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي کپت جي موقعن مان فائدو کنيو وڃي ۽ پنهنجي قابل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن. وزيراعظم آذربائيجان جو مثال ڏنو جنهن پنهنجي نوجوانن کي بهترين تربيت ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن اهڙو ماڊل اسان پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايون ته پرديس ۾ وڌيڪ پاڪستانين کي موقعا ملندا ۽ پاڪستان جي لاءِ اهي اربين ڊالر ڪمائي موڪليندا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳتي ايندڙ حڪومتون ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻنديون. وزيراعظم چيو ته سم??ڊ پار پاڪستانين واري وزارت 16 مهينن دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم سم??ڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان پڻ ڪيو. انهن پئڪيجز ۾ سم??ڊ پار پاڪستانين جي مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ، اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن قائم ڪرن، ملڪ جي اعليٰ انتظاميا جي آفيسن ۾ سم??ڊ پار پاڪستانين جي لاءِ هاٽ لائينز قائم ڪرڻ، سرڪاري رهائشي منصوبن ۾ انهن جي 10 سيڪڙو ڪوٽا، سم??ڊ پار پاڪستانين جي ٻارن جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ وظيفا ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته نادرا ۾ سم??ڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ خصوصي قدم کنيا ويندا ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ خصوصي ڪائونٽرز جو انگ وڌايو ويندو، يونين ڪائونسلز مان انهن کي سرٽيفڪيٽس جي فوري جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، پرڏيهي وزارت دستاويزن جي آن لائين تصديق جي لاءِ پڻ خصوصي قدم کڻندي، آن لائين بائيو ميٽرڪ جو نظام جوڙيو ويندو، جن جو پاسپورٽ بلي?? لسٽ ٿي ويو، مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ خودڪار نظام تحت بلي?? لسٽ مان نڪري ويندو، سم??ڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سم??رن انٽرنيشنل ايئرپورٽس تي خصوصي ڪائونٽرز قائم ڪيا ويندا، سڀ کان وڌيڪ پرڏي??ي ناڻو موڪليندڙ سم??ڊ پار پاڪستانين کي ايوارڊ ڏنا ويندا، انهن جي ٻارن جي لاءِ ميڊيڪل ڪاليجز ۽ اعليٰ تعليم جي لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص هوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پورهيت ٻاهرئين ملڪ تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي دل ۾ پاڪستان جو تمام گهڻو درد هوندو آهي، اهي هر وقت پاڪستان جي لاءِ سوچين ٿا، اهي پنهنجي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.
وزيراعظم پاران سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ پئڪيجز جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں