اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايران جي نامزد سفيرن ۽ روانڊا جي نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشنر سان ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ??يو جن کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر فلپائن جي نامزد سفير ماريا سروينٽس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ??يو ته پاڪستان فلپائن سان تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. صدر سان پاڪستان جي لاءِ نامزد ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ قائم اداراجاتي نظام ۽ نجي شعبي جي تعاون سان اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران سان موجوده اداراجاتي نظام مضبو?? بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فع??ل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سان پاڪستان ۾ روانڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جيمز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روانڊا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبو?? بڻائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادرين کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي درآمد لاءِ پاڪستاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. صدر پاڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ