سجاول-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر امتياز علي ابڙو شاهه بندر، جا??ي ۽ کارو ڇان جي ساحلي علائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران خطري ھيٺ آيل علائقن ۾ م??جود ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جا??زو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران شاهه بندر، جا??ي ۽ کارو ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ريسڪيو جو ڪم ??يز?? سان جا??ي آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ گرلز ڊگر?? ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز ڊگر?? ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول I، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول II، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سجاول، مو??و مرڪز سجاول، گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول چانڊيا سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مدرسہ سائٽ سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي يونس ميربحر جا??ي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جا??ي، سيف اسڪول جا??ي ٽائون، مين پرائمري اسڪول جا??ي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بيگنا موري جا??ي ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رليف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ماڻهن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ساحلي علائقن مان ڪڍي مختلف رليف ڪيمپن ۾ م??تقل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان صحت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ م??تقل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جا??ي آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.
ڊپٽي ڪمشنر سجاول جو ضلعي جي ساحلي علائقن جو دورو، ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ھلندڙ ريسڪيو جي ڪم جو جائزو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل