اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو منصوبو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ وڌيو ويجهيو، گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ترقياتي منصوبو مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، چي??ي حڪومت ۽ ڪمپنين پاران 25.4 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آئ??، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ اسان کي نئين عزم اڳتي وڌڻو آهي ۽ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ ۽ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي منصوبن تي ڪم ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف سان 12 جولاءِ تي معاهدو ٿي ويندو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، مشڪل وقت ۾ چي??ي حڪومت ۽ دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون ۽ انهن جي تعاون کي سدائين ياد رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي هڪ ڏهاڪي مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير کانسواءِ چي??ي ناظم الامور پانگ چنشوئي ۽ چي?? ۽ پاڪستان جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته 10 سال اڳ 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) چونڊون کٽي اقتدار ۾ آئ?? ته هن چي??ي قيادت سان گڏجي اهو منصوبو شروع ڪيو، 5 جولاءِ 2013ع تي بيجنگ ۾ سي پيڪ جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون ۽ اها پهرين مفاهمت جي ياداشت آهي جنهن حقيقت جو روپ ڌاريو. وزيراعظم چي?? ته ??ي پيڪ تحت پاڪستان ۾ گهٽ ترين وقت ۾ ڪول ۽ هائيڊل جي پاور پراجيڪٽس، اورنج لائين ٽرين ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جا منصوبا مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، پاڪستاني ۽ چي??ي قيادت ۽ انجنيئرز ۽ پورهيتن ڏينهن رات محنت ڪئي. هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي ڪابينا ۽ ٽيم جي ميمبرن کي سي پيڪ جو منصوبو وڌائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چي??ي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن مشڪل ترين وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. وزيراعظم چي?? ته ??ءِ ايم ايف معاهدي جي لاءِ چي?? اسان جي لاءِ جيڪو ڪيو، اسان ان کي سدائين ياد رکنداسين. وزيراعظم چي?? ته چي??ي قيادت جا ٿورا ادا ڪرڻ جي لاءِ ان وٽ لفظ نه آهن. وزيراعظم سي پيڪ کي انتهائي شفاف منصوبو قرار ڏيندي چي?? ته ??نتهائي بدقسمتي ۽ افسوس جو مقام آهي ته ??ڳوڻي حڪومت ان منصوبي مان نه رڳو ڪيڙا ڪڍيا پر بي بنياد الزام هنيا ۽ بدگماني پکيڙي جنهن سان سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم سست ٿي ويو ۽ پاڪستان ۽ چي?? جا لاڳاپا جيڪي هماليه کان به بل??د آهن ۽ جن کي ڪڏهن ڪو دشمن به ڪمزور ڪرڻ جو سوچي نه سگهيو، دوست نما دشمنن ان ۾ ڏار وجهڻ ۽ انهن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر اتحادي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي پاڪ چي?? لاڳاپن کي ٻيهر بهتر کان بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته چي?? سان دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ سي پيڪ جو منصوبو هاڻي نئون رخ اختيار ڪندو جنهن تحت بي ٽي بي اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ٿيندا جنهن جي ذريعي صنعتڪاري، پيداوار ۽ روانگي واپار ٿيندو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جي حصيداري سان زراعت جي شعبي ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چي?? ته ??سان جي اتحادي حڪومت ڌرڻن، احتجاج، مظاهرن، ڌمڪين ۽ اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪ ۾ ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو، اسان جا دوست نما دشمن سياسي اڳواڻ سيڙپڪاري نه ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سريلنڪا بڻجڻ جي اڳڪٿيون ڪندا رهيا. انشاءَ الله 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته ??سان کي گڏجي پاڪستان جي معاشي صورتحال کي سنڀالڻو آهي، چي?? مشڪل ترين وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ 5 ارب ڊالر فراهم ڪيا، سعودي عرب، يو اي اي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ به پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، چي?? پاڪستان جي دوست ملڪن ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا ٿورائتا آهيون جن مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن جون ڌڄيون اڏايون پر اسان آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ معاهدي جي پاسداري ڪنداسين، دوست نما دشمن پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون بددعائون ڪري رهيا هئا پر الحمدالله 9 مهينن جو پروگرام بڻجي چڪو آهي، پاڪستان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، هاڻي اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، محنت ڪرڻي آهي ۽ غريب عوام کي مهانگائي کان بچائڻو آهي، اشرافيه ۽ دولتمند طبقي جو فرض آهي ته ??ڳتي وڌي ۽ پاڪستان ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ نئين عزم سان اڳتي وڌڻ تي زور ڏيندي چي?? ته هاڻي اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان ۾ اربين کربين ڊالر جا معدني وسيلا موجود آهن جن کي پاڪستان جي عوام ۽ ٻنهي ملڪن جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم سالن کان پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چي??ي انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جا پڻ ٿورا مڃيا.
سي پيڪ جو منصوبو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ وڌيو ويجهيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن