اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي شاباش ڏيندي غير معمولي بهادرري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس ??فيسرن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ پنجاب پوليس ??ي آفيسرن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پوليس ??هشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ اسان جو قابل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف سڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ جذبي تي سڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد هٿيارن سان ليس ڪنداسين. سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنه??جي بهادر فورسز سان گڏ آهي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ